قرآن جو پیغام (تعارف)



ا
لله جي رسيءَ (قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌار ڌار نه ٿيو.آل عمران - 103
منهنجو پيغام ماڻهن تائين پهچايو، توڙي هڪ آيت ئي هجي.
صحيح بخاري، ڪتاب الانبياء

انتساب جو شرف 
رحمة للعالمين حضرت محمد  جي نالي،
جنهن تي قرآن مجيد نازل ٿيو، هن اُميد سان ته
محشر جي ڏينهن پا ڻ سڳورن جي هٿان
آب ڪوثر نصيب ٿيندو. انشاءَ الله تعالى

ڪتاب جو نالو : قرآن جو پيغام . سنڌيءَ ۾ قرآن جي موضوع وار ورڇ 
مؤلف : يوسف ثاني .چيف ايڊيٽر: پيغام قرآن ڊاٽ ڪام 
 سنڌي ترجمو : حضرت مولانا تاج محمود امروٽي

منظور ٿيل : شاهه فهد قرآن پرنٽنگ ڪمپليڪس، مدينه منوره
ايڊريس : پيغام قرآن پبليڪيشن، پوسٽ باڪس نمبر 12207
ڊفينس اٿارٽي، ڪراچي- 7500 - پاڪستان
اي ميل : yousufsani@hotmail.com; 
ڇاپو : جنوري 2012ع...:
 480 صفحا... 
قيمت : -/250رپيا

’قرآن جو پيغام‘ جا سڀ حق ۽ واسطا پڙهندڙن جي نالي محفوظ آهن.
ڇپائڻ ۽ ورهائڻ جي عام اجازت آهي.

قرآن ۽ مسلمان

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله سرود سرراڳ ۾ قرآن جي سکيا ڏيندي فرمائين ٿا ته 

ڪوڙين ڀالَ ڪريمَ جا ڪَر سهسين شڪرانا
فَا ذ ڪُـرُوْ نِـيْ اَذڪُر ڪُم ڪَهي قُرآنا
واشڪُرُوْ ا ليِ وَلا تڪفرون ڪَڍ تون ڪُفرانا
حمدُ چئو حڪيمَ کي ، جورَ هَڻِي جانئا

مسلمانن جي ترقيءَ ۽ پَستيءَ جي ڪَٿا وري علامه اقبال رحمة الله هن طرح بيان ڪئي آهي ته قرآن تي عمل ڪندڙ مسلمان پوري دنيا ۾ مانَ وارا هئا، پر قرآني قانونن کي ڇڏڻ سبب اهي پوري دنيا ۾ ذليل ۽ خوار بڻيا. مطلب ته جيستائين مسلمان هڪ قوم جي حيثيت سان قرآن تي عمل ڪندو رهندو ته کيس دنيا ۾ ترقي ملندي رهندي. دنيا جون مڙئي قومون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻيا علم سکڻ لاءِ مسلمان ملڪن جي درسگاهن ڏانهن ائين ڪَهي اينديون هيون، جيئن اڄ جا مسلمان هن دور جا علم ۽ فن سکڻ لاءِ مغربي ملڪن ڏانهن ويندا آهن. مسلمانن جي انهيءَ ترقيءَ جي دور ۾ اڄ جو ترقي يافته يورپ اونداهين ۾ ٻُڏل هو، جنهن کي هو پاڻ به ”اونداهون دور“ جي نالي سان ياد ڪري ٿو. مسلمانن جو زوال ان وقت کان شروع ٿيو، جڏهن اهي قرآن کان پري ٿيندا ويا. ان جي اُبتڙ اها به حقيقت آهي ته مغربي قومون انهيءَ وقت تائين اونداهين ۾ ٻُڏل رهيون، جيستائين هو پنهنجي مذهب سان ڳنڍيل رهيون، پر جڏهن هنن پنهنجي اڻپوري مذهب کي دنيائي معاملن کان الڳ ڪيو ته هو ترقي ڪنديون رهيون. انهن کي ڏسندي اسان مسلمانن به پنهنجن دنيائي معاملن کي پنهنجي دين کان الڳ ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اسان جي آڏو آهي. اسين ويتر پنهنجي دين کان پري ٿيندا وياسين ۽ زوال جي اونهي کڏ ۾ ڪرندا وياسين. انهيءَ ڪري هن ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته اسين مسلمان قوم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجا مڙئي ناتا قرآن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪريون.

اسين مسلمان توڙي ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو رکندا هجون، قرآن تي ضرور ايمان رکون ٿا. اسين صبح شام قرآن ته پڙهندا آهيون، پر عربي نه ڄاڻڻ سبب انهن کي سمجهي نٿا سگهون. ”قرآن جو پيغام“ کي انهيءَ ڪري ڇپايو ويو آهي ته جيئن عام مسلمان پڻ قرآن ذريعي اسلام جي اصل روح کي پروڙي سگهن. اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته قرآن کي سمجهڻ هرهڪ مسلمان جي وس جي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي: بيشڪ اسين هن قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بڻايو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ (القمر: 17) الله تعاليٰ نبي ڪريم صلی اللہ علیہ وسلم کي سموري انسانيت لاءِ استاد بڻائي موڪليو آهي. صحابہ ڪرام پاڻ سڳورن  کان ئي دين سکيو. انهيءَ ڪري اسان به قرآن ۽ حديث ذريعي اسلامي علم سکي سگهون ٿا. ”قرآن جو پيغام“ ٻين ترجمن ۽ تفسير جي مقابلي ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ نهايت آسان آهي. هن ۾ هر سيپاري جي مڙني آيتن کي مختلف پيرائن ۾ ورڇي، ننڍا عنوان قائم ڪيا ويا آهن ۽ سيپاري جي شروع ۾ اهڙن سمورن عنوانن جي فهرست پڻ ڏني وئي آهي. هر پئراگراف جي آخر ۾ سورت ۽ آيت جو حوالو پڻ لکيو ويو آهي، ته جيئن ڪنهن آيت جو مطلب سمجهه ۾ نه اچي ته ان حوالي سان قرآن جي اصل عربي متن کي ڏسي ان جو ترجمو ۽ تفسير پڙهي سگهجي يا ڪنهن عالم سان رجوع ڪري سگهجي. عربي متن نه هئڻ سبب هن کي وضوءَ کان سواءِ پڻ دفتر ۾، گهر ۾ يا سفر دوران آسانيءَ سان پڙهي سگهجي ٿو.
آخر ۾ پڙهندڙن کان گذارش آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪٿي پروف جي ڪا غلطي نظر اچي ته اسان کي آگاهه ڪن ته جيئن ان کي ايندڙ ڇاپي ۾ درست ڪري سگهجي. ”قرآن جو پيغام“ جي ڇپائيءَ کان پوءِ انشاءَ الله تمام جلد ”حديث جو پيغام“ پڻ شايع ٿيندو. واضح رهي ته هنن ٻنهي ڪتابن جو اردو ڇاپو اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪو آهي ۽ انهن جي انگريزي ڇاپي تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. دنيا ۾ مسلم امت جي ڪاميابي، آخرت ۾ جهنم کان ڇوٽڪاري ۽ جنت ۾ داخلا جو دارومدار قرآن کي سمجهي پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ پوشيده آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي ته هو اسان سڀني کي قرآن پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي

 . ( يوسف ثاني)



کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں