حديث جو پيغام . سنڌي


1. ڪتاب بدءُ الوحي

(وحيءَ جي شروعات)

1- عملن جو دارومدار نيتن تي آهي
2- حضور ﷺ جن تي وحي ڪيئن ايندي هئي؟
3- وحيءَ جي شروعات سُٺي خواب سان ٿي
4- پهرين وحي اچڻ جو احوال
5- ورقہ بن نوفل سان پاڻ سڳورن ﷺ جي ملاقات
6- زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ لٽڪيل ملائڪ
7- چپن کي جلدي جلدي چوري، وحي ياد ڪرڻ
8- رمضان جي هر رات جبرئيل جو پاڻ سڳورن ﷺسان ملڻ
9- روم جي بادشاهه هرقل جي شاهدي
10- روم جي بادشاهه جي نالي رسول اللهﷺ جو خط
11- هرقل جي ڀوپي جو رسول الله ﷺ جن کي غالب ڏسڻ
12- هرقل جي ڀوپي جي دوست جي تصديق
13- نبيءَ جي بيعت ڪريو: هرقل جو مشورو

٭ ٭ ٭
1- عملن جو دارومدار نيتن تي آهي

خليفہ راشد سيدنا عمرؒ بن خطاب نبي ڪريم ﷺ کي هي فرمائيندي ٻُڌو ته مڙني عملن جو دارومدار نيتن تي آهي ۽ هر انسان کي عمل جو نتيجو نيت مطابق ملندو. پوءِ جنهن جي هجرت دنيا حاصل ڪرڻ لاءِ هجي يا ڪنهن عورت سان شاديءَ ڪرڻ ڪارڻ هجي، ته سندس هجرت انهن شين تي ڳڻبي، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن هجرت ڪئي هجي.

2- حضور ﷺ جن تي وحي ڪيئن ايندي هئي؟

مؤمنن جي ماءُ سيدتنا عائشہ صديقہؒ کان روايت آهي ته حارث بن هشام جي پڇڻ تي رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ڪڏهن ته مون وٽ گهنٽيءَ جي آواز وانگر آواز ايندو هو، جيڪا حالت مون تي ڏاڍي ڏکئي آهي. جڏهن ملائڪ جي ٻُڌايل ڳالهه ياد ڪندو آهيان ته اها ڪيفيت مون تان ختم ٿي ويندي آهي. ڪڏهن ملائڪ منهنجي سامهون ماڻهوءَ جي صورت ۾ ايندو آهي ۽ مون سان ڳالهائيندو آهي. جيڪو ڪجهه هو چوندو آهي، ان کي آءٌ ياد ڪندو آهيان. سيدتنا عائشہؒ چوي ٿي ته مون سخت سياري واري ڏينهن پاڻ سڳورن ﷺ تي وحي نازل ٿيندي ڏٺي، جنهن کان پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ جي نرڙ تان پگهر وهڻ لڳندو هو.

3- وحيءَ جي شروعات سُٺي خواب سان ٿي

مؤمنن جي ماءُ سيدتنا عائشہؒ فرمائين ٿيون ته سڀ کان پهرين وحي، جيڪا رسول الله ﷺ تي شروع ٿي، اها سٺو خواب هئي. پاڻ سڳورا ﷺ جيڪو خواب ڏسندا هئا، اهو صبح جي روشنيءَ وانگر صاف پڌرو ٿيندو هو. پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ کي خلوت جي محبت ڏني وئي، انهيءَ ڪري پاڻ سڳورا ﷺ غار حرا ۾ خلوت ڪندا هئا ۽ پاڻ اُتي گهڻيون راتيون مسلسل عبادت ڪندا هئا، پنهنجي گهر نه موٽندا هئا. پاڻ سڳورا ﷺ سفر مطابق سامان پڻ کڻندا هئا.

4- پهرين وحي اچڻ جو احوال

غار حرا ۾ ملائڪ پاڻ سڳورن ﷺ جن وٽ آيو ۽ چيائينس ته پڙهه! پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته آءٌ پڙهيل ناهيان، ملائڪ پاڻ سڳوريﷺ کي جهلي پنهنجي سيني سان ڀڪوڙيو ۽ ڇڏي ڏنو، وري چيائينس ته پڙهه! پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته آءٌ پڙهيل ناهيان. ملائڪ ٽئي ڀيرا ائين ئي ڪيو، پوءِ مون کي چيائين ته اِقْرَأْ بِاِسْمِ رَبِّکَ الَّذِيْ خَلَقَ (العلق: 3-1) ”پنهنجي پالڻهار جي نالي جي برڪت سان پڙهه، جنهن هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي. انسان کي رت جي دڳ مان پيدا ڪيائين، پڙهه ۽ يقين ڪر ته تنهنجو پالڻهار وڏو بزرگ آهي“.

5- ورقہ بن نوفل سان پاڻ سڳورن ﷺ جي ملاقات

پهرين وحي واري واقعي سبب رسول الله ﷺ جن جي دل ڏڪڻ لڳي ۽ پاڻ سڳورا ﷺمؤمنن جي ماءُ سيدتنا خديجہؒ وٽ آيا، جنهن پاڻ سڳورنﷺ کي ڪمبل ويڙهيو، جڏهن سندن دل مان خوف ختم ٿيو ته سيدتنا خديجہؒ کي سمورو حال ٻُڌايائون، اها پاڻ سڳورن ﷺ کي پنهنجي سؤٽ ورقہ بن نوفل وٽ وٺي وئي. ورقہ پوڙهو هئڻ سبب نابين هو، هو انجيل کي عبراني ٻوليءَ ۾ لکندو هو. رسول الله ﷺ جيڪو ڏٺو هو، اهو کيس بيان ڪيو ته ورقہ کين چيو ته هي اهو ملائڪ آهي، جنهن کي الله تعاليٰ موسىؑ تي نازل ڪيو هو. جيڪر آءٌ اُن وقت جيئرو رهان ها، جڏهن توکي تنهنجي قوم مڪي مان ڪڍندي، ڇاڪاڻ ته جنهن به شخص اوهان جهڙي ڳالهه ڪئي، قوم سندس دشمن بڻي. جيڪڏهن مون کي توهان جي نبوت جو دؤر ملي، ته آءٌ توهان جي تمام ڀرپور طريقي سان مدد ڪندس. پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ورقہ جو لاڏاڻو ٿيو ۽ وحي اچڻ جو سلسلو عارضي طور ڪجهه ڏينهن لاءِ رڪجي ويو.

6- زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ لٽڪيل ملائڪ

سيدنا جابر بن عبداللهؒ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته هڪ ڏينهن آءٌ وڃي رهيو هئس ته اوچتو مون آسمان مان هڪ آواز ٻُڌو، مون پنهنجون نظرون مٿي کنيون، ڇا ڏسان ته اهو ملائڪ، جيڪو غار حرا ۾ مون وٽ آيو هو، زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ لٽڪيل هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. آءٌ کيس ڏسڻ سان ڊڄي ويس. پوءِ مون گهر اچي چيو ته مون کي ڪمبل ڍڪايو، مون کي ڪمبل ڍڪايو. انهيءَ موقعي تي الله تعاليٰ هي آيتون نازل فرمايون: (ترجمو) اي ڪمبل ڍڪي سمهندڙ! اُٿ ۽ ڊيڄار ۽ پنهنجي رب جي وڏائيءَ جو اعلان ڪر ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک ۽ پليتيءَ کان پري رهه. (المدثر: 5-1) ان کان پوءِ مسلسل ۽ لڳاتار وحي اچڻ شروع ٿي.

7- چپن کي جلدي جلدي چوري، وحي ياد ڪرڻ

سيدنا ابن عباسؒ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺجن کي قرآن نازل ٿيڻ وقت تمام ڏکيائي پيش ايندي هئي. پاڻ سڳورن ﷺ جي اها حالت ڏسي، الله تعاليٰ هي آيتون نازل ڪيون: (ترجمو) اي نبي ﷺ! هن وحيءَ کي جلدي جلدي ياد ڪرڻ لاءِ پنهنجي زبان کي نه چور. هن کي ياد ڪرائڻ ۽ پڙهائڻ اسان جي ذمي آهي“. (سورة القيامة: 16-17) ان کان پوءِ جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ جن وٽ جبرئيلؑ الله پاڪ جو ڪلام آڻيندو هو ته پاڻ سڳورا توجهه سان ٻُڌندا هئا، جڏهن جبرئيلؑ هليو ويندو هو ته ان کي نبيﷺ ائين پڙهندا هئا، جيئن جبرئيلؑ ان کي پاڻ سڳورن ﷺجي سامهون پڙهيو هو.

8- رمضان جي هر رات جبرئيل+ جو پاڻ سڳورن ﷺسان ملڻ

سيدنا ابن عباسؒ فرمائن ٿا ته رسول الله ﷺ سمورن ماڻهن کان وڌيڪ سخي هئا ۽ سڀني وقتن کان به وڌيڪ پاڻ سڳورا ﷺ رمضان ۾ سخي ٿيندا هئا، خاص طور تي جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ سان جبرئيلؑ اچي ملندو هو ۽ جبرئيلؑ پاڻ سڳورن ﷺ سان رمضان جي هر رات ملندو هو ۽ پاڻ سڳورن ﷺ کان قرآن جو دور ٻُڌندو هو. ان وقت ضرور رسول الله ﷺ الله جي مخلوق کي فائدو رسائڻ ۾ تيز ترين هوا جي تيزيءَ کان به وڌيڪ سخي هوندا هئا.

9- روم جي بادشاهه هرقل جي شاهدي

سيدنا ابن عباسؒ ابوسفيان بن حرب کان بيان ڪيو ته روم جي بادشاهه هرقل قريش جي واپارين کي پنهنجي درٻار ۾ گهرايو ۽ سيدنا محمد ﷺ جي سڀ کان وڌيڪ ويجهي نسب واري، ابوسفيان کي چيو ته آءٌ ابوسفيان کان ان شخص جو حال پُڇان ٿو، جيڪو پاڻ کي نبي چورائي ٿو. پوءِ جيڪڏهن هو مون سان ڪوڙ ڳالهائي ته توهان کيس ڪوڙو ڪجوءِ! ابوسفيان چيو ته الله جو قسم! جيڪڏهن مون کي ان ڳالهه جي لڄ نه ٿئي ها ته ماڻهو منهنجي مٿان ڪوڙي هجڻ جو الزام مڙهيندا، ته ضرور آءٌ پاڻ سڳورن ﷺ ڏانهن غلط ڳالهيون مڙهيان ها. مطلب ته سڀ کان اڳ ۾ هرقل جيڪو مون کان سوال پڇيو، اُهو اِهو هو ته ان شخص جو نسب توهان ۾ ڪيئن آهي؟ مون چيو ته اهو شخص اسان ۾ وڏي نسب وارو آهي. وري هرقل پڇيو ته توهان مان ڪنهن به هن کان اڳ نبوت جي دعوى ڪئي آهي؟ مون چيو ته نه. وري هرقل پڇيو ته ڇا هن جي ابن ڏاڏن مان ڪو بادشاهه رهي چڪو آهي؟ مون چيو ته نه. وري هرقل چيو ته هن شخص جي پيروي وڏن ماڻهن ڪئي آهي يا ڪمزور ماڻهن؟ مون چيو ته وڏن ماڻهن هن جي پيروي ناهي ڪئي، پر ڪمزور ماڻهن ڪئي آهي. وري هرقل پڇيو ته هن جا پيروڪارڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن يا گهٽجي رهيا آهن؟ مون چيو ته گهٽجن نه پيا، پر وڌي رهيا آهن. هرقل پڇيو ته ڇا هن شخص جي دين ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪو به شخص سندس دين کان بدظن ٿي واپس ٿيو آهي؟ مون چيو ته نه. هرقل پڇيو ته ڇا هو ڪڏهن انجام جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي؟ مون چيو ته نه، پر هينئر اسان هن جي طرفان مهلت ۾ آهيون، اسين نٿا ڄاڻون ته هو ان مهلت جي دؤر ۾ ڇا ڪندو. (انجام پاڙيندو يا انجام جي ڀڃڪڙي ڪندو) ابوسفيان ٻُڌائي ٿو ته ان ڳالهه کان سواءِ مون کي ٻي ڳالهه شامل ڪرڻ جو وَجُهه نه مليو. هرقل پڇيو ته ڇا توهان ساڻس ڪا جنگ ڪئي آهي؟ مون چيو ته ها. هرقل پڇيو ته توهان جي هن سان جنگ ڪيئن هوندي آهي؟ مون چيو ته اسان جي ۽ هن جي وچ ۾ جنگ برابر جي رهندي آهي، ڪڏهن اسين مٿس سوڀارا ٿيندا آهيون ته ڪڏهن هو. هرقل پڇيو ته هو اوهان کي ڪهڙو حڪم ڏيندو آهي؟ مون چيو ته هو چوندو آهي ته صرف الله تعالى جي ٻانهپ ڪريو ۽ سندس ٻانهپ سان ڪنهن ٻئي کي شريڪ نه ڪريو ۽ شرڪيہ ڳالهيون ۽ عبادتون، جيڪي توهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، اهي سڀ ڇڏيو. هو اسان کي نماز پڙهڻ، سچ ڳالهائڻ، پرهيزگاري ۽ مائٽيءَ کي ڳنڍڻ جو حڪم ڏئي ٿو. اهي ڳالهيون ٻُڌي، هرقل چيو ته جيڪو ڪجهه تو چيو، جيڪڏهن اهو سچ آهي ته جلد ئي هو منهنجن هنن قدمن جي هنڌ جو مالڪ بڻبو. آءٌ اڳين ڪتابن جي اڳڪٿين موجب ڄاڻان ٿو ته هو ظاهر ٿيڻ وارو آهي، پر آءٌ ائين نه سمجهندو هئس ته اهو توهان مان ايندو. جيڪڏهن آءٌ وٽس پهچي سگهان ها ته ساڻس ملڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪريان ها ۽ جيڪڏهن آءٌ وٽس هجان ته ضرور سندس پير ڌوئان ها.

10- روم جي بادشاهه جي نالي رسول اللهﷺ جو خط

”الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان هيءُ خط الله جي ٻانهي ۽ سندس پيغمبر ﷴﷺ وٽان روم جي بادشاهه ڏانهن. ان شخص تي سلامتي هجي، جيڪو هدايت جي پيروي ڪري. ان کان پوءِ پڌرو هجي ته آءٌ توکي اسلام ڏانهن سڏيان ٿو اسلام آڻيندين ته الله جي عذاب کان ڇُٽندين ۽ الله تعاليٰ توکي ٻيڻو ثواب ڏيندو ۽ جيڪڏهن تو منهنجي دعوت کان منهن ڦيريندين ته بيشڪ توتي تنهنجي سموري رعيت جي ايمان نه آڻڻ جو گناهه ٿيندو ۽... ”اي اهل ڪتاب! هڪ اهڙي ڳالهه ڏانهن اچو، جيڪا اسان ۽ توهان جي وچ ۾ هڪجهڙي آهي، اُها اِها ته اسين ۽ توهين الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي پوڄا نه ڪريون ۽ ساڻس ڪنهن کي شريڪ نه بڻايون ۽ نه ئي اسان مان ڪو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پالڻهار بڻائي. (الله تعاليٰ فرمائي ٿو) پوءِ جيڪڏهن اهل ڪتاب ان کان منهن موڙين ته تون کين چؤ ته ان ڳالهه جا شاهد رهجو ته اسين ته الله جي پيروي ڪندڙ آهيون.“ (آل عمران: 64)

11- هرقل جي ڀوپي جو رسول الله ﷺ جن کي غالب ڏسڻ

ابوسفيان چوي ٿو ته ابن ناطور، جيڪو ايليا جو بادشاهه، هرقل جو ساٿاري ۽ شام جي عيسائين جو وڏو پادري هو، اهو ٻُڌائي ٿو ته جڏهن هرقل ايليا ۾ آيو ته هڪ ڏينهن صبح جو تمام پريشان هو. هرقل ڀوپو هو ۽ علم نجوم ۾ کيس مهارت هئي. هن پنهنجن خاص ساٿين کي چيو ته مون جڏهن رات جو ستارن ڏانهن نظر ڪئي، ڏٺم ته طهريل بادشاهه غالب ٿيو آهي. توهان ڏسو ته هن دور جي ماڻهن ۾ طهر ڪير ڪندو آهي؟ ماڻهن چيو ته يهودين کان سواءِ ڪو به طهر نٿو ڪري، انهيءَ ڪري يهودين جي طرفان اوهان ڊپ نه ڪريو ۽ پنهنجي ملڪ جي وڏن وڏن شهرن ۾ حڪمرانن کي لکو ته جيترا به يهودي اُتي هجن، انهن سڀني کي قتل ڪيو وڃي. اڃا اهي ماڻهو پنهنجي انهيءَ رٿابنديءَ ۾ هئا ته هرقل وٽ هڪ ماڻهو آيو، جنهن کي غسان جي بادشاهه موڪليو هو، اهو رسول الله ﷺ جون خبرون ٻُڌائيندو هو. جڏهن هرقل کانئس اها ڳالهه پُڇي ته هن پنهنجن ماڻهن کي چيو ته وڃو ۽ ڏسو ته هو طهريل آهي يا نه؟ ماڻهن کيس ڏٺو ته چيائون ته هو طهريل آهي. هرقل کانئس عرب جو احوال پڇيو. هن ٻُڌايو ته اهي طهر ڪرائيندا آهن. تڏهن هرقل چيو ته اهوئي (نبي ﷺ) هن دور جي ماڻهن جو بادشاهه آهي، جيڪو ظاهر ٿي چڪو آهي.

12- هرقل جي ڀوپي جي دوست جي تصديق

هرقل روميه ۾ پنهنجي هڪ دوست کي اهو احوال لکي موڪليو، جيڪو پڻ علم نجوم ۾ انهيءَ ڀوپي جي برابر هو. اهو احوال لکي هرقل حمص ڏانهن هليو آيو، اڃا حمص مان ٻاهر به نه نڪتو هو، جو سندس دوست جو خط آيو. اهو پڻ نبي ﷺ جي ظاهر ٿيڻ بابت هرقل جي راءِ کان متفق هو، هن پڻ لکيو هو ته اهو (ﷴ ﷺ) نبي آهي.
13- نبيءَ جي بيعت ڪريو: هرقل جو مشورو
ان کان پوءِ هرقل روم جي سردارن کي پنهنجي حمص واري محل ۾ گهرايو ۽ حڪم ڏنائين ته محل جا دروازا بند ڪيا وڃن. جڏهن اهي بند ڪيا ويا ته هرقل پنهنجي ڪمري مان نڪتو ۽ چيائين ته اي روم وارؤ! ڇا هدايت ۽ ڪاميابيءَ ۾ ڪجهه ڀاڱو اوهان جو پڻ آهي؟ ۽ توهان کي اهو منظور آهي ته توهان جي بادشاهي قائم رهي ته هن نبي ﷺ جي بيعت ڪريو. اها ڳالهه ٻُڌندي ئي اهو ماڻهو وحشي گڏهن وانگر دروازن ڏانهن ڀڳا، پر دروازا بند هئا. نيٺ جڏهن هرقل انهن جي نفرت ڏٺي ۽ سندن ايمان آڻڻ کان مايوس ٿيو ته چيائين، مون جيڪا هينئر ڳالهه ڪئي، ان مان اوهان جي ايمان جي مضبوطيءَ جو ارادو هو، جيڪا مون کي خبر پئجي چڪي. پوءِ ماڻهن هن کي سجدو ڪيو ۽ کانئس خوش ٿيا ۽ هرقل جي آخري حالت اها هئي.
..........٭ .......

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں